سزا باوجود نواز کي پرڏيهه موڪليو ويو،بلاول

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته احتساب جو ٻٽو نظام آهي، وزيراعظم رائيونڊ جو هجي ته سزا باوجود پرڏيهه موڪليو ويندو آهي، اپوزيشن جماعتن ۾ حڪومت کي ڪيرائڻ جي همت ناهي ته چونڊون ٿينديون، انتظار ڪنداسين عوام حڪمرانن کي لت هڻي ٻاهر ڪڍندو. اسلام اباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته عوام جي طاقت تي ڀروسو رکون ٿا، طاقت ووٽ ذريعي استعمال ڪري سگهجي ٿي، هن چيو ته جيڪڏهن پي ڊي ايم وارا استعيفائون ڏيڻ ۾ سچا هجن ها ته جڏهن اسان انڪار ڪيو ته ان وقت ئي استعيفائون ڏيئي لانگ مارچ تي نڪري وڃن ها، هو جيڪڏهن استعيفائن جي سياست ڪرڻ چاهين ٿا ته کين هينئر ئي ڏيڻ گهرجن. جيتري قدر عدم اعتماد جو تعلق آهي ته وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير خلاف تحريڪ آڻي سگهجي ٿي، نمبر پورا آهن پر جيڪڏهن ايئن نٿو ڪيو وڃي ته اهو عمل حڪومت سان سهولتڪاري ڪرڻ برابر آهي. بلاول ڀٽو چيو ته افعانستان جي صورتحال تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، ڪوبه فورم ٺاهيو وڃي، اهي پارليامينٽ جي نمائندن کي اعتماد ۾ وٺن. هن چيو ته اليڪشن قانونن ۾ آرڊيننس ذريعي ترميم نٿي ڪري سگهجي، اليڪشن ڪميشن کي ان حوالي سان اسٽينڊ وٺڻ گهرجي. هن چيو ته ماڻهو پريشان آهن ته مهانگائي غربت ۽ بيروزگاري جو مقابلو ڪيئن ڪجي، وزيراعظم جي بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته کيس ۽ سندس پوري ٽيم کي عام ماڻهن جي حالتن جي خبر ئي ڪانهي ته پوءِ کانئن ڪيئن اها توقع رکجي ته هو انهن مسئلن جو حل ڪڍندو، هو چون ٿا ته جي ڊي پي ۾ تيزرفتاري سان اضافو ٿيو آهي ته اسان بجيٽ جو انتظار ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ هو لت هڻي آءِ ايم ايف جي پروگرام مان نڪري ويندا.جڏهن توهان چئو پيا ته جي ڊي پي سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن ته هر ملڪ ۾ وڃي خيرات ڇو ٿا گهرو؟ هاڻي جڏهن معاشي ترقي جي دعويٰ ڪيو ٿا ته اميد آهي ته بجيٽ م سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ پ پ وانگر 100 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 150 سيڪڙو ۽ فوجين لاءِ 175 سيڪڙو اضافو ڪندئو.

پهنجو تبصرو موڪليو