سرڪلر ريلوي لاءِ سنڌ حڪومت کي زمين ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزير ريلوي شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي لاءِ ريلوي جي زمين سنڌ حڪومت کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد احمد جو چوڻ هو ته هن کي ايم ڪيو ايم جي باري ۾ خبر ناهي هو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سان ملڻ ڪراچي آيو آهي. وزير ريلوي چيو ته سپريم ڪورٽ اسان کي گائيڊ لائين ڏنيون آهن ۽ اسان کان بزنس پلان گهريو  آهي اسان ريلوي جا سڀئي اسڪول ۽ اسپتالون پرائيويٽ پارٽنر سان گڏجي ڪري هلائينداسين ريلوي جي خساري ۾ 4 ارب رپين جي گهٽتائي آئي آهي جيڪو ايندڙ وقت ۾ 6 ارب ٿي ويندو. شيخ رشيد احمد جو چوڻ هو ته ڪي سي آر لاءِ 38 ڪينال زمن خالي ڪرائي آهي جڏهن ته وڌيڪ 5 ڪينال زمين تي قبضو ختم ٿيڻ باقي آهي. پنهنجي زمين سنڌ حڪومت کي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون 5 ڪينال ايراضي خالي ڪرائڻ لاءِ وزيراعليٰ سنڌ سان ڳالهائيندس. هن چيو ته ايم ايل ون جو منصوبو پهرين مڪمل ٿيندو يا ڪراچي سرڪلر ريلوي جو ان باري ۾ ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي. وزير ريلوي تيزگام حادثي جي حوالي سان چيو ته پهريون سئلينڊر ڦاٽو يا پهرين شارٽ سرڪٽ ٿيو ان ڳالهه جو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته پيش ٿيندڙ رپورٽ به ڪليئر ناهي 3 آفيسرن کي معاملي جي تحقيقات جو حڪم ڏنو آهي. ڪورونا وائرس جي حوالي سان هن جو چوڻ هو ته اهو وائرس پاڪستان جي معيشت لاءِ وڏو امتحان آهي مختلف شين جو ٻاهران اچڻ بند ٿي ويو آهي ڪوشش آهي ته ان صورتحال کان ٻاهر نڪري اينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو