سرڪاري نوڪري لاءِ عمر ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت سرڪاري  نوڪرين جي ڀرتي لاءِ مقرر ڪيل عمر جي حد ۾ 15 سالن جي ڇوٽ ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ هاڻ 43 سالن جي عمر تائين جا ماڻهو سرڪاري نوڪرين جي لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا.

وڌايل عمر وارو هي نوٽفڪيشن پوليس ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نوڪرين تي لاڳو نه ٿيندو. هي نوٽيفڪيشن سرڪاري نوڪري جي لاءِ عمر جي رعايت پهرين جولاءِ 2020 کان 30 جون 2022ع تائين لاڳو رهندو. ياد رهي ته سنڌ حڪومت هر ٻن سالن بعد ان ۾ واڌ ڪندي رهندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو