سرڪاري اسڪول ۾ سولر فيس جو ڊي سي پاران نوٽيس

وڳڻ (غلام مصطفيٰ بروهي) گرلس ھائرسيڪنڊري اسڪول ۾ سھولتن جي کوٽ سبب انتظاميا پاران شاگردياڻين کان سؤ روپيا سولر سسٽم فيس مقرر ڪرڻ سبب ڪيترين ئي شاگردياڻين اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو. والدين جي شڪايت تي ڊپٽي ڪمشنر قمبر جاويد جاگيراڻي نوٽيس وٺندي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. اسڪول ۾ سھولتن جي اڻاٺ سبب شاگردياڻيون پاڻي به گهران کڻي اچن ٿيون. اسڪول انتظاميا ڪمائي جو نئون طريقو ڳولھي ورتو ۽ في شاگردياڻي کان سؤ کان ڏيڍ سؤ روپيا انرولمينٽ ۽ داخلا فيس مقرر ڪري ڇڏي في شاگردياڻين سؤ روپيا سولر سسٽم  لاء جمع ڪرائڻ جي شرط تي اڪثر شاگردياڻين اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو. سول سوسائٽي  جي اڳواڻن سعيد بروهي، غلام مجتبيٰ  بروهي جي ايم وڳڻ، شرف الدين پنھور، غلام نبي چانڊيو، منظور وڳڻ ۽ ٻين چيو ته انتظاميا زيادتي ڪري رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو