سرينه فائز عيسيٰ جي اثاثن تي ايف بي آر کي اعتراض

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر)سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري پاران داخل ڪرايل اثاثن جي معلومات کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي وضاحت لاءِ نوٽيس جاري ڪيو آهي. انڪم ٽيڪس واري قانون جي سيڪشن 111 ۽ سيڪشن 122 هيٺ 21 آگسٽ جي تاريخ تي 2 نوٽيس جاري ڪيا ويا.ذريعن موجب ايف بي آر جو چوڻ آهي ته ظاهر ڪيل آمدن 93 لک 75 هزار لنڊن ۾ خريد ڪيل 10 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي جائيداد لاءِ ناڪافي آهن. جنهن جي جواب ۾ سرينه عيسيٰ جو چوڻ آهي ته ايف بي آر سندس ڪردار ڪُشي ڪري رهي آهي ۽ منهنجي 280 ايڪڙ زرعي زمين جي انڪم ۽ ڪراچي واري جائيدادن جي وصولي واري انڪم کي ان ۾ ڄاڻي واڻي شامل نه ڪيو ويو آهي. منهنجي زرعي زمين جي انڪم ايتري آهي جو لنڊن جي جائيداد خريدڻ لاءِ ڪافي آهي. هن چيو ته مونکي پنهنجي فائيل ڪيل ريٽرنز جي ڪاپي فراهم نٿي ڪئي وڃي ۽ مونکي شڪ آهي ته انهن م ردو بدل ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو