سروي ورڪر پگهارن لاءِ احتجاج، ڊي سي مداخلت ڪري

میرپور ماٿيلو(رپورٽ ظھير وسير) فيبروري ۾ شروع ٿيل قومي خوشحالي سروي ڪندڙ ضلعي گھوٽڪي جي ورڪرن کي اڃان تائين پگھارون نه ملي سگھيون، جڏھن ته اين جي اوز پاران ھنن کي پئٽرول ۽ ڪنوينس الائونس کان به محروم رکيو ويو آھي. جنھن تي اين جي اوز عورت فائونڊيشن ۽ حوا فائونڊيشن خلاف ميرپورماٿيلو ۽ ڏھرڪي تعلقن جي ورڪرن احتجاجي مظاھرو ڪيو. متاثره ورڪرز جي نمائندن لياقت لنڊ، اظھر چنو، ظھير سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي گھوٽڪي جي آفيس آڏو ڌرڻو به ھنيو ويو. ان موقعي تي ھنن گذريل ساڍا ٽن مھينن کان پگھارن، پئٽرول ۽ ڪنوينس الائونس سميت ٻي مد ۾ ٽڪو به نه ملڻ جون دانھون ڪندي ڄاڻايل اين جي اوز عورت فائونڊيشن ۽ حوا فائونڊيشن جي ٽيم ليڊر علي حسن مھر خلاف نعرا هنيا ۽ ڊي سي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته هن خلاف ڪاروائي ڪري پگهارون ۽ ٻيون رهتون ڏياريون وڃن. هوڏانهن ٻئي پاسي ميرپورماٿيلو باء پاس تي ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري جي بس جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر ۾ ڳوٺ محبوب شاه جي رھواسي 2 عورتون مائي جمعيت شيخ سندس ڀيڻ مائي شفيعت شيخ ۽ سندن پيء غلام ياسين شيخ زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال ميرپور ماٿيلو پهچايو ويو. جڏھن ته موٽرسائيڪل تي انھن سان گڏ معصوم ٻارڙو حادثي ۾ معجزاڻي طور محفوظ رهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو