سرنهن جو فصل لهي ويو، سرڪار گم، واپارين جا وارا نيارا

پکو (عبدالوحيد ميئو) چيٽي فصل سرنھن پچي تيار ٿي ويو آھي ان ڏس ۾ مختلف ديھن ۾ سوين ايڪڙن تي بيٺل سرنھن جي فصل ۾ ڏاٽا لڳڻ شروع ٿي ويا آھن جڏھن ته علائقي ۾ سرنھن جي خريداري لاءِ ڪو به سرڪاري سينٽر نه کلي سگھيو آھي. مقامي واپارين خريداري اڏا قائم ڪري آبادگارن کان سستي اگهه تي سرنھن جو في مڻ 1500 روپين ۾ خريدي رھيا آھن.  ان حوالي سان آبادگارن محمد سليمان کوکر , عبدالحميد ميئو , حاجي عرس , شمن علي وڳڻ , بھادر علي , جمن ۽ ٻين چيو ته علائقي ۾ سرنھن جو فصل تيار ٿي ويو آھي جنھن لابارا شروع آھن پر سرڪار سرنھن جي نئين فصل جي خريداري لاءِ سرڪاري اگهه مقرر ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو