سردار عطاءُ الله مينگل جو مڙهه آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

خضدار(ويب ڊيسڪ)سردار عطاءُ الله مينگل کي وڍ ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ سندس مڙهه هزارين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. بي اين پي جا ڪارڪن ۽ مينگل قبيلي جا ماڻهو اوڇنگارون ڏئي روئندا رهيا ته اڄ بلوچستان يتيم ٿي ويو آهي. بلوچستان ۾ اکين سان پاڪستان ٺهندي ڏسندڙ پيڙهي مان ڪو به ناليوارو بلوچ سياستدان ناهي رهيو. جنازي ۾ هزاارين ماڻهو شريڪ ٿيا جن ۾ مولانا عبدالغفور حيدري، صوبائي وزير ضيا لانگو سميت علائقي جي معززن شرڪت ڪئي. سردار عطاءَ  مينگل 1929 ۾ پيدا ٿيو هو، گذريل ڏينهن ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو هو.

سرداري نظام خلاف جدوجهد ڪندڙ سرادر

پهنجو تبصرو موڪليو