سردار شاهه ڀٽائي جي اوقات پڇڻ بدران پنهنجي اوقات ٻڌائي؟

ٽنڊوباگو (رپورٽ سھيل سمون)سنڌي ادبي سنگت شاخ خليفوقاسم جو اھم اجلاس شبير احمد ڪوري جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي عھديدارن سردار شاھ پاران شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي اوقات جي حوالي سان ڪيل بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي گڏجاڻي ۾ عبدالستار کوسو, مخدوم شوڪت, الھبچايو ورياھ, منور انڙ, آزاد عالم خاصخيلي, فاروق احمداڻي, گلزاراحمد درس, ثناء الله کوسو,  غلام حيدر کنگھر, سنتوش ڪمار, ربڏنو خاصخيلي, رجب احمداڻي, ڪمال ھنگورجو سردار شاھ جي بيان جي مذمت ڪندي چيو ته شاھ عبدالطيف ڀٽائي دنيا جو عظيم فلاسافر ھو، سردار شاهه ڀٽائي جي اوقات پڇڻ کان اڳ پنهنجي اوقات ٻڌائي ته هو ڇا آهي؟ ڀٽائي دنيا ۾ سنڌ کي سڃاڻپ ڏني لطيف جو فلسفو سماج جي ڀٽڪيل ماڻھن لاء مشعل راھ آهي لطيف جدوجهد جو سڏ آهي گڏجاڻي ۾ دوستن پنهنجون تخليقون پڻ پيش ڪيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو