سرداراختر مينگل جي زرادري هائوس ۾ بلاول ڀٽو سان ملاقات

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻ سردار اختر مينگل جي سربراهي ۾ سندس پارٽي جي وفد پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي آهي. موجوده حڪومت سان تازو اتحاد ختم ڪندڙ جماعت بي اين پي جي سربراهه اختر مينگل سان هن عيد کانپوءِ رٿيل  اي پي سي سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون، ان موقعي تي سنڌ ۽ بلوچساتن مان کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي بازيابي بابت به مشورو ڪيو ويو ته پارليمان اند توڙي ٻاهر گڏجي ان لاءِ مهم هلائجي. ملاقات دوران اختر مينگل سان گڏ مير حمل ڪلمتي ۽ آغا حسن گڏ هئا. جڏهن ته بلاول سان فرحت الله بابر، سيد نيئر بّاري ۽ مصطفيٰ نواز کوکر گڏ هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو