آمدن کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ سراج دراني جي ضمانت منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عمر سيال جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ آمدن کان وڌيڪ  غير قانوني طريقي سان اثاثه ٺاهڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني  جي 10 لک رپين جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت ساڳي ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد سراج دراني جي ڀاءُ آغا مسيع الدين، طفيل شاهه، مٺان خان، اسلم پرويز لانگاهه ۽ ذوالفقار ڏهر سميت 8 جوابدارن جي عارضي ضمانت کي پڪو ڪري ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم جمعي تي ڄاڻايل جوابدارن جي ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواستن تي جاري ڪيو. عدالت آغا سراج دراني سميت ڄاڻايل سمورن جوابدارن جا  نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو .  ياد رهي ته نيب آغا سراج دراني کي هلندڙ سال فيبروري مهيني ۾ اسلام آباد مان گرفتار ڪيو هو جنهن بعد سندس ڀاءُ آغا مسيع الدين ۽ ٻين جوابدارن سنڌ هاءِ ڪورٽ مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي هئي. نيب ڪراچي  پاران آغا سراج دراني سميت سندس گهر واري، ڌيئرن، پٽ، ڀاءُ ۽ ملازمن سميت 20 ڄڻن خلاف هڪ ارب 61 ڪروڙ رپين جا غير قانوني اثاثه ٺاهڻ بابت ريفرنس داخل ڪيو آهي جنهن  ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر  آغا سراج دراني، سندس گهرواري ناهيد دراني، پٽ آغا شهباز، نياڻين صنم، سونيا شهانا، سارا، ڀاءُ آغا مسيع الدين، ذوالفقار ڏهر، شمشاد خاتون، منور علي، غلام مرتضيٰ، محمد عرفان، شڪيل سومرو، گلبار لهر بلوچ، اسلم پرويز،  توفيق شاهه، مٺا خان، سيد محمد شاهه ۽ گلزار احمد کي جوابدار بڻايو ويو آهي. ڄاڻايل ريفرنس احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. جنهن ڪيس ۾ مفرور ڄاڻايل آغا سراج دراني جي گهرواري ۽ پٽ سميت ٻين جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري سندن سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي. نيب پاران داخل ڪيل ريفرنس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آغا سراج دراني مختلف وقتن تي ايم پي اي، صوبائي وزير ۽ اسپيڪر رهيو آهي جنهن اختيارن جو غلط استعمال ڪندي پنهنجي ۽ گهر وارن جي نالن تي هڪ ارب 61 ڪروڙ رپين جون ملڪيتون خريد ڪيون آهن. ريفرنس ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته آغا سراج دراني جي غير قانوني اثاثن ۾  گهر ۽ 35 گاڏيون شامل آهن جڏهن ته سندس لاڪرز  مان 3 سئو تولا سونا زيور پڻ مليا آهن. نيب ذريعن موجب ريفرنس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آغا سراج دراني ۽ سندس ٻين گهر ڀاتين جون 11 ڪروڙ رپين جون گهڙيون پڻ مليون آهن. نيب موجب ايف بي آر وٽان مليل ڄاڻ موجب آغا سراج دراني 2007ع کان 2018ع تائين 11 ڪروڙ رپين جي آمدني ظاهر ڪئي جيڪا زرعي زمينن جي ڄاڻايل آهي جڏهن ته آغا سراج دراني پڇا ڳاڇا دوران 8 ڪروڙ رپين جي سالياني آمدني ٻڌائي. نيب ذريعن موجب ريفرنس ۾ 11 گاڏيون، پٽ، گهرواري ۽ ڌيئرن جي نالن تي ڪراچي ۽ ايبٽ آباد ۾ ملڪيتون شامل آهن. ريفرنس ۾ اهو پڻ ڄاڻايل آهي ته آغا سراج دراني پنهنجي ملازمن جي نالن تي به ملڪيتون خريد ڪيون جن سندس فرنٽ مين جو ڪردار ادا ڪيو. آغا سراج دراني جي ضمانت منظور ٿيڻ جي خوشي ۾ هڪ جيالي پنج پنج سو جا نوٽ ورهايا، عدالتي عملي ۽ پوليس اهلڪارن کي به هن پئسا ڏنا.

پهنجو تبصرو موڪليو