سراج دراني۽ گهر ڀاتين سميت 10 جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي احتساب عدالت هڪ ارب 61 ڪروڙ رپين جي اثاثن ۽ مبينا ڪرپشن ريفرنس ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ 10 ساٿي جوابدارن جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران 13 آڪٽوبر تي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ جوابدار مفرور هئا. 20 فيبروري 2020ع تي نيب پاران اسلام آباد جي هڪ هوٽل مان مسٽر دراني کي گرفتار ڪيو ويو هو ته ان جي منقوله ۽ غير منقوله اثاثن جي جاچ ڪندي مبينا طور تي سندس آمدني جي معلوم ذريعن کان وڌيڪ هن انڪم حاصل ڪئي هئي، 352 غير قانوني ڀرتيون ڪيون ويون ۽ ايم پي ايز هاسٽل جي تعمير ۾ سرڪاري فنڊن ۾ خرد برد ڪئي وئي. ريفرنس ۾ مٿس الزام هو ته هن سنڌ اسيمبليءَ جي نئين عمارت ۽ ان سان گڏ انهن اسڪيمن لاءِ پروجيڪٽ ڊائريڪٽرن جي مقرري به ميرٽ تي نه ڪئي. سراج دراني، سندس گهرواري، ٻارن ۽ ڀاءُ سميت ٻين جوابدارن کي ريفرنس ۾ِ نامزد ڪيو ويو هو. خميس تي ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت 3 جي جج ڊاڪٽر شير بانو ڪريم ڪئي، جنهن دوران ضمانت تي آزاد ٿيل 3 جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. جڏهن ته اسپيڪر دراني ۽ سندس 10 ساٿي شڪيل احمد سومرو، مٺا خان، طفيل احمد شاهه، ذوالفقار علي ڏهر، منور علي، غلام مرتضيٰ، گلبهار لوهار بلوچ، سيد محمد شاهه، محمد عرفان ۽ شمشاد خاتون پيش نه ٿيا جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي غير حاضر ملزمن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.  دفاع واري وڪيل درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ 13 آڪٽوبر تي آغا سراج ۽ شريڪ جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت واپس ورتي هئي، جنهن بعد سمورن جوابدارن گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو. وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته سندن جوابدارن کي ايندڙ تاريخ تائين ذاتي طور پيش ٿيڻ کان روڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو