ٻه ملزم زرداري ۽ فريال خلاف وعده معاف گواهه بڻجي ويا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ان مهل نئون رخ اختيار ڪري ورتو جڏهن 24 مان ٻن عورت ملزمن ڪرن ۽ نورين آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف وعده معاف گواهه بنجڻ جي درخواست ڪئي. احتساب عدالت سامهون هنن چيو ته اسين نيب کي اها پيشڪش ڪئي پر نيب اسانکي ملزم نامزد ڪيو. وڪيل فاروق نائڪ عدالت کي آصف ۽ فريال جي پيشي کان آجي رهڻ جي درخواست ڪئي جيڪا عدالت رد ڪندي سماعت 16 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالتي ڪمري ۾ آصف زرداري ان ڪرسي تي ويٺو جنهن تي العزيزيه ريفرنس ۾ نواز شريف ويٺو هو. زرداري چيو ته هو هڪ شريف ۽ عاجز (نوبل اينڊ همبل) شخص آهي. صحافين سام مختصر ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ کان جنرل پروز مشرف جي ٽرائل جي به پڇا ڪريو. هوڏانهن پوليس پيپلز پارتي جي ٻن عورت ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو آهي جيڪي زبردستي ڪورٽ ۾ داخل ٿي رهيون هيون. ان کان اڳ انتهائي سخت سيڪورٽي انتظامن ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پهتا. پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل دفعي نيب هيڊڪوارٽر ۾ پيشي وقت پي پي ڪارڪنن جهيڙو ڪيو هو ان ڪري هاڻي به خدشي جي ڪري رينجرز، اسپيشل برانچ ۽ ٽريفڪ پوليس سميت جديشل ڪمپليڪس جي آس پاس 1500 کان وڌيڪ اهلڪار تعينات ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته جعلي بينڪ اڪائونٽس وارو ڪيس نيب جي درخواست تي ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ مان اسلام آباد منتقل ڪيو ويو هو. هن ڪيس ۾ آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، انور مجيد ۽ سندس گهر ڀاتين سميت 24 ڄڻن کي ملزم نامزد ڪيو ويو آهي. نيب عدالت ٻن هفتن ۾ جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي پرآصف علي زرداري جي وڪيل جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ مهلت گهري آهي.

2 تبصرو “ٻه ملزم زرداري ۽ فريال خلاف وعده معاف گواهه بڻجي ويا

  1. There are speling mistakes.
    Please assign this task to a educated and highly qualified person

پهنجو تبصرو موڪليو