سجاول ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ماڪڙ جي تباهي

دڙو (شوڪت ميمڻ)سجاول ضلعي جي ميرپوربٺورو تعلقي جي شھر دڙو, ٻنون, جھوڪ شريف, لائقپور, ابڙال, جھوڪ شريف, موالي موري, راھوٺ, قادرڏنو شاھ, ڊڀو موري, ڪوٽ عالمون ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ اچتو حملي آور ٿي آيل ماڪڙ تباھي برپا ڪري ڇڏي آھي. ڪروڙن جي تعداد ۾ آيل ماڪڙ جي لشڪرن تازو ھزارين ايڪڙن تي پوکيل سارين, ڪمند, ڦٽين, سورج مکي, ڌاڻا, مرچ, ٽماٽا, ڪيلو ۽ ٻين فصلن سميت ڄار ۽ ٻٻر جي ساون پنن کي کائي ناس ڪري ڇڏيو آھي. جنھن سبب آبادگارن کي زرعي آبادين جي مد ۾ ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رھيو آھي. جڏھن ته سانوڻي جي جهڙالي موسم ۾ دڙو, ٻنون سميت ميرپوربٺوري تعلقي جي مختلف علائقن ۾ ڪنھن قدرتي آفت جي صورت ۾ ڪروڙن جي تعداد ۾ حملي آور ٿي آيل ماڪڙ کي ماڻھو پڪڙي انھن جي وڍيوز ٺاھي سوشل ميڊيا تي خوب تفريع ڪرڻ سان گڏوگڏ ماڪڙ بابت بحث به ڪن ٿا. ٻئي طرف سجاول جي ضلعي انتظاميا ۽ خاص طور تي زراعت کاتي ماڪڙ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء اسپري سميت ٻيا ڪي به حفاظتي اپاء اڃا تائين نه ورتا آھن. جنھن سبب خاص ڪري آبادگار طبقو سخت پريشاني جي خوف ۾ ورتل آھي. ھوڏانھن سنڌ آبادگار بورڊ جي ميمبر ۽ مقامي آبادگار اڳواڻن سيد علي اڪبر شاھ ڄاموٽ, محمد خان ڪڇي ميمڻ, ماما اعجاز سومرو, خميسو مگسي, حاجي خان عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن ۽ ھارين ٻنون ۾ جدا جدا احتجاجي مظاھرا ڪندي چيو آھي ته ماڪڙ ھزارين ايڪڙن تي پوکيل مختلف فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا آھن. آبادگارن جا ٻئي ھٿ مٿي تي اچي ويا آھن. ھنن گھر ڪئي فوري طور تي ماڪڙ کان بچاء لاء اسپري ڪرائي وڏي نقصان کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو