سبزي منڊي جي پلاٽ تي قبضو، شهري اتحاد جو الٽيميٽم

گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) گهوٽڪي جي پراڻي سبزي منڊي تي قبضي وارو مسئلو حل نه ٿيو , گهوٽڪي جا وڪيل ٻن گروپن ۾ ورهائجي ويا , منڊي تي مبينا قبضو ڪندڙ وڪيلن جي گروپ سبزي منڊي جا گيٽ بند ڪري منڊي اندر صفائي مهم شروع ڪري ڇڏي , جڏهن ته ٻي گروپ پاران منڊي تي قبضي خلاف گهوٽڪي جي پبلڪ پارڪ ۾ آل پارٽيز ڪانفرس ڪوٺائي , جنهن ۾ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن سميت هڪ سئو کن سياسي , سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي , ان موقعي ته ڪانفرس ۾ وڪيل اڳواڻ ايڊوڪيٽ وزير گهوٽو , شاھنواز وسير , لال بخش گهوٽو , قومي عوامي پارٽي جي سيد جمال شاھ , جي يو آءِ جي مولانا غلام رسول ڪلهوڙو حافظ سراج احمد چنه , جسقم اڳواڻ نصرالله ڪلادي , ڪامريڊ اڪرم ٿهيم , پي ٽي آء محمد حسن چاچڙ , سائينڏنو عباسي , پ پ شهيد ڀٽو جي رئيس ملوڪ ڀٽو , عبدالحئي ساوند , سول سوسائٽي جي اڳواڻ رئوف پارس دايو , اعظم چاچڙ , ساجد نواز داريجو , احسان ڪلادي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته گهوٽڪي جي پلاٽن تي قبضا غيرقانوني عمل آهن , جن خلاف هر شهري کي ميدان تي نڪرڻو پوندو , هنن چيو ته وڪيلن جي هڪ مخصوص ٽولي تاريخي پراڻي سبزي منڊي جي پلاٽ تي غير قانوني قبضو ڪيو آهي , جيڪا سندن ڪريل حرڪت آهي . هنن چيو ته گهوٽڪي قبضا مافيا لاء سوني جهرڪي بڻيل آهي , ميونسپل جي ڪيترن ئي پلاٽن تي پهرين به قبضا ڪيا ويا آهن پر ميونسپل جا ڪامورا خاموش بڻيل آهن. هنن چيو ته هاڻ اهڙن قبضا مافيا خلاف ميدان تي نڪرڻو پوندو , ان موقعي ته ڪانفرس ۾ احد ڪيو ويو ته گهوٽڪي شهر جي مالڪي لاء هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي , سبزي منڊي جي پلاٽ سميت سمورن قبضي هيٺ آيل پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاء ميدان تي ايندا سين . ان موقعي تي منظور ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته اگر وڪيلن جي قبضا مافيا ٽولي سبزي منڊي تان 3 ڏينهن اندر قبضو ختم نه ڪيو ته سيشن ڪورٽ ٻاهران بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو