ساگر حنيف بڙدي جي ٽئين ورسي تي کيس ڀيٽا پيش

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي قومي تحريڪ جي محبوب ڪردار ساگر حنيف بڙدي جي ٽئين ورسي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ملهائي وئي. سنڌ ساگر اسٽُوڊنٽس فيڊريشن مان قومي سياست جي شروعات ڪندڙ حنيف بڙدي بعد ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو مرڪزي اڳواڻ بڻيو پر هن پنهنجي ساگر واري سڃاڻپ به برقرار رکي. سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي مدلل تقرير جو هن جو نرالو انداز هوندو هو. ***نوشهروفيروز مان اسد علي عمراڻي موجب شهيد ساگر حنيف بڙدي جي  3ورسي اڄ پڊعيدن ۾ ساگر حنيف بڙدي جي مزار تي ملهائي وئي. جنهن ۾ جئي سنڌ قومي محاذ جا سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چاچا سرفراز ميمڻ پنهل ساريو اياز راڄپر  خادم شر آزاد مختيار بڙدي امجد شيخ استاد ذولفقار زاهد مري سارنگ بڙدي ۽ ٻين جي ساگر جي مزار تي حاضري گلن جي ورکا ڪري دعا گهري صوفي محفل جو پروگرام منعقد ڪيو ويو.

Photo Sindhyar

جنهن ۾ پڊعيدن پڪا چانگ ڀنگو بهڻ امن نوشھروفيروز درياخان مري سميت ڪيترن ئي شھرن جي قومي ڪارڪنن جي ساگر جي ورسي تي سندس مزار تي پهتا.****گھوٽڪي  مان لالچند موٽواڻي موجب جسقم ۽ جساف گھوٽڪي طرفان سنڌ ھائوس تي شھيد ساگر حنيف بڙدي جي 3 ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي حبيب الله گھوٽو رشيد سنڌي وھاب سھتو واحد بخش چاچڙ نيازي بوزدار ثناءالله ڪليري جي اڳواڻي ۾ جسقم اڳوڻي مرڪزي جنرل سيڪريٽري لطيف جي پارکو شھيد ساگر حنيف بڙدي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. هنن چيو ته ساگر جو شاھ لطيف جي شاعري پڙهڻ ۽ ان کي سمجهائڻ جو انداز روح ۾ لهي ويندڙ هو ساگر حنيف جنھن پنھنجي سڄي ڄمار سنڌ وطن جي حقن لاء جاکوڙيندي گزاري  , هو پنهنجي سڀاء ۾ نهايت محبوب ماڻهو هو  جيڪو اسان کان ڪڏهن به وسري نٿو سگهي.ياد رهي ته پرسي جون تقريبون 2 آگسٽ تي ملهايون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو