سانگي ۽ گا د برادرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾3 فوت

لاڙڪاڻو (ن س) حيدري ٿاڻي جي حد عاقل روڊ واري علائقي ۾ پلاٽ جي مالڪيءَ تي سانگي ۽ گاد برادرين ۾ جهيڙي سبب 3 ڄڻا مارجي ويا. جهيڙي دوران ٻنهي ڌُرين هڪٻئي تي فائرنگ ڪئي ۽ گوليون لڳڻ سبب اياز سانگي ۽ سجاد سانگي موقعي تي فوت ٿي ويا .

جڏهن ته عبدالحفيظ گاد کي زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو جتي هو فوت ٿي ويو. اطلاع تي اي ايس پي سٽي محمد ڪليم جي سربراهي ۾ وڏي تعداد ۾ پوليس پهتي پر ان باوجود به فائرنگ هلندي رهي. پوليس مارجي ويلن جا لاش چانڊڪا اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ اڳ ۾ به جهڙو ٿيو هو ۽ هاڻي وري ٻيهر وڙهيا آهن. پوليس ٻنهي ڌرين جا ڪجهه ماڻهو گرفتار به ڪيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو