سانگي شاخ کي 80 فوٽ گهارو، فصل ۽ ڳوٺ پاڻي هيٺ

لاکاروڊ (اظھر جلباڻي) سانگي (ڊسٽري ) شاخ کي 11-ايل ۽ 12-ايل جي وچ ۾ 80 فوٽ گهارو ،سوين ايڪڙ تازي پوکيل ڪڻڪ، ڪمند جا فصل ۽ ليمن جا باغ پاڻي هيٺ اچي ويا. جڏهن ته مشتاق شر، هوت شر، ڪيوڙو شر، غلام مصطفي خاصخيلي،گل حسن خاصخيلي ۽ سائينداد شر سميت ڪيترائي ڳوٺ پڻ پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا آهن ۽ گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي. آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن ربنواز اعواڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاج ڪندي چيو ته رات دير سان گهارو پيو فصل ٻڏي ويا صبح جو اسان کي خبر پئي. هنن چيو ته ايريگيشن عملي جي نااهلي سبب گهارو پيوشاخ جا ڪپر انتهائي ڪمزور هئا شاخ ۾ پاڻي وڌيڪ ڇوڙ ڪرڻ سبب گهارو پيو.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته گهاري سبب آبادگارن جي فصلن ۽ گهرن جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ۽ غفلت ڪندڙ ايريگيشن عملي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف واقعي جو اطلاع ايريگيشن عملي کي ڏنو ويو اطلاع ملڻ تي ايس ڊي او ايريگيشن احمد خان ڪاڪيپوٽو عملو ساڻ وٺي واقعي واري هنڌ پهتو. هن صحافين کي ٻڌايو ته آبادگارن کي پاڻي جي گهرج گهٽ هئڻ سبب اڪثر واٽر ڪورس بند هئڻ سبب گهارو پيو جيڪو اسان بند ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو