سانگهڙ ريلي واقعي ۾ ملوث 3 جوابدارن جي ضمانت منظور

نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري) دهشت گردي ٽوڙ عدالت شهيد بينظير آباد نوابشاهه جي جج رسول بخش سومرو جي ڪورٽ سانگهڙ ريلي واقعي ڪيس جي قيدي ٽن جوابدارن ميونسپل ڪاميٽي سانگهڙ جي چيئرمين فقير دلبر خان نظاماڻي، دادن خان نظاماڻي ۽ عامر عرف بلو نظاماڻي جي 3_3 لک روپين جي ضمانت منظور ڪري آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. واضح هجي ته 13 جنوري 2017 تي ساڳي عدالت فقير دلبر خان نظاماڻي کي جيل موڪليو هو، فقير دلبر نظاماڻي آزاد ٿيڻ کانپوءِ ٻڌايو ته مون کي پنهنجي مرشد جي دعا آهي ۽ مون پنهنجي مرشد سورهيه بادشاهه صبغت الله شاهه راشدي جي سنت ادا ڪئي آهي ۽ 3 سال جيل ۾ رهيو آهيان ۽ مونسان پنهنجي سانگهڙ شهر جي مائرن، ڀينرن، نياڻين ۽ شهرين جون ۽ خاص طور تي روضي ڌڻي جون دعائون شامل هيون ۽ درگاهه جي مريدن  قيد دوران جيڪو مون کي پيار ڏنو اهو مان ڪڏهن به وساري نه سگهندس. هن چيو ته آئون سينٽرل جيل حيدرآباد، نوابشاهه ۽ سانگهڙ جيل ۾ رهيو آهيان ۽ جيل ۾ جيڪي سختيون آيون اُهي بيان نٿو ڪري سگهان ڇاڪاڻ ته دنيا انهيءَ کي تماشو ٺاهيندي آهي. هن ٻڌايو ته منهنجو ڏاڏو جنهن جو  نالو مون تي رکيو ويو آهي اهو به انگريزن جي دور ۾ 8 سال جيل ۾ ثابت قدم رهيو ۽ اڄ به آئون جيل ۾ محسوس ڪري رهيو هئس ته مون کي دشمن ماڻهن جيل ۾ وجھي انگريزن وارو ساڳيو پارٽ پلي ڪيو آهي. هن چيو ته اسان هر حوالي سان هر قسم جي تصديق ڏياري ته اسان بيگناهه آهيون پر تسليم نه ڪيو ويو ۽ مرشد پيرپاگاري جو شڪرگذار آهيان جنهن جو دعائون ۽ نصيحتون مونکي جيل ۾ سجاڳي ۽عالم خواب جي صورت ۾ملنديون ھيون. واضح هجي ته 15 ڊسمبر 2015 تي سانگهڙ شهر ۾ واقعو پيش آيو هو جنهن ۾ سپاهي عاشق مري، سپاهي نبي بخش ڏيرو، گل محمد مري ۽ گل محمد شاهه قتل ٿيا هئا جنهن ڪيس جي فريادي پ پ پ جي فدا حسين ڏيرو جي منيجر عرس ملوکاڻي سانگهڙ ٿاڻي تي 31 ماڻهن تي ڪيس داخل ڪرايو هو جنهن ۾ پير پاگاري جي جماعت جا ايم پي اي خليفو وريام فقير، ايم پي اي خليفو علي غلام نظاماڻي، ڪاشف نظاماڻي، حاجي ناظر نظاماڻي، ظفر فقير، بچل فقير، ساجد خان نظاماڻي، عالم خان، وقار جٽ، غلام رسول بهڻ، منٺار فقير بهڻ، صدام حسين نظاماڻي، غلام محمد نظاماڻي، عبدالجبار عرف پپو نظاماڻي، ڪامران نظاماڻي، نويد نظاماڻي، غلام محمد نظاماڻي، عرفان يوسفزئي، اڳوڻو ايم اين اي غلام دستگير راڄڙ، امين نظاماڻي، ساجد عرف اجي نظاماڻي کانسواءِ هڪ فوت ٿيل شخص قادر آرابين ۽ هڪ معذور غلام حيدر نظاماڻي سميت 31 جوابدار ڄاڻايا ويا هئا. جڏهن ته ضمانت منظور ٿيل ٽنهي جوابدارن جا وڪيل ضمانت جا ڪاغذات عدالت ۾ پيش ڪري رهيا آهن جنهن بعد ليٽر وٺي ڊسٽرڪٽ جيل سانگهڙ تي ويندا ۽ اتان ٽنهي قيدين کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو