سام سنگ جو پهريون 16 جي بي ريم وارو فون متعارف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سام سنگ نئين فليگ شپ فون گليڪسي ايس 20 جي اچڻ ۾ تقريبن 3 هفتا باقي آهن پر ان حوالي سان افواهون ۽ اطلاع مسلسل سامهون اچي رهيون آهن. 2020 جي شروعات ۾ متعارف ٿيندڙ ايس سيريز جو اهو نئون فون 3 مختلف ورزن ۾ متعارف ٿيندو ۽ افواهن مطابق اهي ٽئي فائيو جي ٽيڪنالاجي کي سپورٽ ڪندا. رپورٽ مطابق گليڪسي ايس 20 جو هڪ ورزن دنيا جي ٻين سمارٽ فونن کان بلڪل مختلف هوندو ڇاڪاڻ ته ان ۾ 16 جي بي ريم ڏني ويندي. کوڙ سارا ماڻهو ته 4 کان 8 جي بي ريم تي به خوش رهندا آهن ڇاڪاڻ ته اهو سافٽ ويئر جي رفتار کي مستحڪم رکڻ لاءِ ڪافي آهي پر 16 جي بي ريم ته اڪثر ڪمپيوٽرن کان به وڌيڪ آهي. اهو فون 12 کان 16 جي بي ريم جي آپشن سان گڏ هوندو جڏهن ته 5000 هزار ايم اي ايڇ بيٽري 45 واٽس فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ هوندي جيڪا زيرو کان 100 فيصد چارج 74 منٽن ۾ ٿي سگهندي. ان فون ۾ 6.9 انچ ڊسپلي ڏنو ويندو جڏهن ته 120 هرٽز ريفريش ريٽ سان گڏ هوندو. 128 کان 512 جي بي اسٽوريج جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان هڪ ٽي بي تائين اضافو ڪري سگهجي ٿو. ڪيمرا سسٽم جي حوالي سان به ان ۾ نمايان فيچر ڏنا ويندا ڇاڪاڻ ته ان ۾ 108 ميگا پڪسل مين ڪيمرا، 100 ايڪس ڊجيٽل زوم سان گڏ ڏنو ويندو. ان کان علاوهه 48 ميگا پڪسل ٽيلي فوٽو، 12 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ۽ ٽي او ايف ڪيمرا ڏني ويندي. اهو دنيا جون پهريون فون هوندو جنهن ۾ فرنٽ تي 40 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏنو پيو وڃي جيڪو پنج هول ڊيزائن ۾ ڏنو ويندو. گليڪسي ايس 20 جا ٽئي فون 11 فيبروري تي فرانسڪو ۾ هڪ ايونٽ دوران متعارف ڪرايا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو