سامونڊي پٽي ۾ برسات جي تباهي،سوين پکي ۽ ڍورمري ويا

ڳاڙھو(علي رضا پيروزاڻي) ضلعي ٺٽي جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۽ شھرن ڳاڙھو ڪيٽي بندر ٻگهاڻ کاروڇاڻ جوهو ٻاٻيو اداسي جوهو شاهپورر ڌانڌاري ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾ گجگوڙسان گڏ وسندڙ تيزطوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي. ڪيترن ئي ڳوٺن شھرن ٻنين ٻارن فصلن  ۾ 5 فٽ پاڻي بهيجي ويو آهي. سوين وڻ پٽجي ويا آهن ۽ لاتعداد گهر ڊھي پٽ ٿي ويا آهن. چوپايو مال هنڌ بسترو کاڌي پيتي جو سامان لڙھي ويو پان جا فارم ۽ مرغي فارم پٽ تي ڪري  پيا، ھزارين پکي وڻن تي مري ويا، اسپتالن اسڪولون برسات جي پاڻي ھيٺ اچڻ  سبب بند آهن.

بجلي ۽ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. زندگيء جو ڪاروهنوار مڪمل طور تي ٺپ ٿي ويو آهي. ماڻھن وٽ پاڻي ۽ کاڌ خوارڪ جون شيون ختم ٿي ويون آهن، ڪيترن ئي شھرن ۽ ڳوٺن جاھڪ ٻئي سان رابطه اڃان تائين ڪٽيل سم نالن شاخن کي گهارا لڳي ويا روڊن ۽ رستن جون پلون ڊھي پيون مڇيء جي شڪارلاء ويل هزارين ماهيگيرسمنڊ ۾ اڃان تائين ڦاٿل ڳاڙھو ۾ ڪشنچند جي پئٽرول پمپ جي ٽانڪيون اونڌھيون ٿيڻ سبب  13 هزار ليٽر ڊيزل هارجي ويو کيس 16 لک جو نقصان ڳاڙھو شھر۾ اٺ دڪانن جون ڇتيون ڊهي پيون آهن.

سڄڻ واريء لڳ 10سال نينگررئيس ولد خادم پيروزاڻي برساتي پاڻي ۾ لڙھي ويو  14 ڪلاڪ کان پوء لاش سنڌودرياءَ مان هٿ آيو. ڳاڙھو ويجهو ڳوٺ ميهار رجيرو ۾ وڻ تان گهر ڪرڻ سبب 5سالا ٻارڙو زخمي ٿي پيو. مقامي سياڻن موجب  1999 واري آيل طوفان ۽ برساتن کان بعد هي ٻئي سامونڊي پٽيء تباهي مچائيندڙ طوفان برسات آھي ماڻھن جو ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيوآھي. چونڊيل نمائندا ۽ انتظاميا ڪٿي به ماڻھن جي مدد ڪندي نظرنہ آيا ماڻھون بي يارومدگار بڻيل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو