مانجهند(رپورٽ مهراڻ عمراڻي)ڳوٺ سرائي سولنگي ۾ گهٽي ۾ ويهڻ تان منع ڪرڻ تي مڇرجي ڀيڻوئي پورهيت اڪرم سولنگي سندس پٽ ناظم سولنگي ڀاء اياز سولنگي کي ڪهاڙيون ۽ لٺيون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو زخمين کي وارث ھيلٿ سينٽر سن کڻائي پهتا جتي ڊاڪٽر ۽ عملو نه هئڻ سبب کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال مانجهند کڻائي پهتا جتي پڻ ڊاڪٽر نه هئڻ سبب 45 ورهين جو زخمي پورهيت اڪرم علي سولنگي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جنهن تي وارثن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا ايم ايس ۽ ٻنهي اسپتالن جي انتظاميا خلاف سخت احتجاج ڪيو ان موقعي تي مقتول جي سئوٽ شوڪت علي سولنگي ٻڌايو ته جوابدار پيارو سولنگي سعيد خان سولنگي يارو سولنگي طيب سولنگي طوطو سولنگي عورتن جي شاخ تي ڪپڙا ڌوئڻ واري لنگهه وٽ کٽ وجهي ويٺل هئا جن کي مقتول منع ڪئي ته مڇرجي ڪهاڙين سان حملو ڪري ڏنو زخمين کي سن مانجهند اسپتال رلائيندا رهياسين پر ڊاڪٽر ۽ عملو غائب رهيو جنهن سبب سندس سئوٽ اڪرم سولنگي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏھن باقي زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد کڻائي وڃي رهيا آھيون جڏھن ت وڏا ڇڇر پوليس جوابدارن کان مبينا رشوت وٺي کين گرفتار نه پئي ڪري هوڏانهن فوتي جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو مقتول جي مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي وڏاڇڇر ايٽ سن پوليس مکيه جوابدار پيارو سولنگي کي گرفتار ڪري ورتو جڏھن ته باقي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جڏھن ته واقعي جو ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو هو پوليس موجب جهيڙو ڪندڙ پاڻ ۾ سالا ڀيڻويا آھن مقتول جا وارث تدفين کان واپس اچن ته سندن ڪيس داخل ڪنداسين.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو