سارين جي پوکائي ڪندڙ آبادگارن خلاف ڪريڪ ڊائون

سلطانپور(قربان علي مھر) مختيارڪارپنوعاقل  شاھنواز چارڻ ايس ڊي او ايريگيشن انور سومرو ۽ سيڊا توڙي روينيوعملو ساڻ ڪري ديھ عمل ھٽي ديھ گھري تپو ناڙو ھمٿر ۾ سارين جي پوکائي تي بندش باوجود غير قانوني پوکيل سارين جو فصل ڀيلايو ويو. حڪومتي عملدارن سختي سان سارين جو ٻيڄارو توڙي رومبو لڳائيندڙ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري ڪيترن ئي ماڻهن تي ايف آ ر ڪٽرائي ڇڏي. رابطو ڪرڻ تي مختيارڪار پنوعاقل شاهنواز چارڻ ٻڌايو ته قانون موجب سڄي سکر ڊويزن جي پڪي واري پاسي تي سارين جوفصل پوکڻ جي سختي سان منع ھجڻ جي باوجود ڪجھ آبادگارن  زبردستي ساريون پوکايون آهن جن خلاف قانوني قدم کنيو آهي ته ڪجھ آبادگار پاڻ بچائڻ خاطر ڊراما  ڪري مٿن ڪوڙا الزام لڳائي رھيا آهن جنهن ۾ ڪا به صداقت ناهي. ھڪ  سوال جي جواب ۾ مختيارڪار چوڻ ھو ته ساريون ختم ٿيڻ سان اسانجو تعلقه پنوعاقل  سميت مختلف ضلعن ۾ آبادگار خوشحال ٿيا آهن سم ۽ ڪلر ختم ٿيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو