سارين جي فصل تي نسرڻ کان اڳ وائرس جو حملو

ٽنڊوباگو (ن سنڌيار)مختلف علائقن ۾ تازين پيل برساتن کانپوءِ برساتي پاڻي کان بچي ويل ساريال جي فصل تي پن ويڙهي وائرس حملو ڪري ڏنو آھي، آبادگارن، محمد ملاح، شاهد ميمڻ، شفيع محمد، اظھار راهوڪڙو، ڪاشف خاصخيلي، آصف ميمڻ، راجا جمالي، امير بخش گرگيز´´ سنڌيار “سان ڳاهائيندي چيو ته هي پن ويڙهي وائرس جو حملو ساريال جي فصل تي ان وقت ٿيو آھي جڏهن ساريون نسرڻ تي آھن، هن وائرس سبب ساريون نسرڻ کان اڳ وائرس جي ڪري تباهه ٿي وينديون۔  جڏهن ته هنن جو چوڻ آھي ته مبينا طور زراعت کاتي جي عملدارن جي آشيرباد سان تعلقي ٽنڊي باگي ۾ نقلي زرعي دوائن جو وڪرو سر عام عروج تي آھي۔دوائون ۽ ڀاڻ نقلي هجڻ سبب بي اثر آھن، زرعي داوئون بي اثر هئڻ ڪري آبادگار سخت پريشاني ۾ مبتلا آھن. زراعت کاتي ٽنڊوباگو جا ڪامورا گھر ويٺي پگھارون کڻي رهيا آھن، فيلڊ ۾ وزٽ ڪرڻ لاء ڪير تيار ئي ڪونهي.آبادگارن چيو ته برساتن سبب ڪپهه، مرچ ۽ ٽماٽي جو فصل ٻڏي، سڙي تباھ ٿي ويو ۽ ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو