سارا تاثيرپاران راڻا ثناءُ الله جي گرفتاري تي خوشي جو اظهار

 اسلام آباد(ڊيسڪ رپورٽ) پنجاب جي اڳوڻي گورنر ۽ پيپلز پارٽي جي مقتول اڳواڻ سلمان تاثير جي نياڻي سارا تاثير والد جي قتل جي منصوبندي جو رانا ثناءُ الله تي شڪ ظاهر ڪيو آهي. هن ٽوئٽر تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ راڻا ثناءَالله جي گرفتاري تي کيس بيحد خوشي ٿي آهي. سارا چيو آهي ته جيڪڏهن مان پنهنجي والد جي قتل لاءِ منصوبابندي جو ڪنهن تي شڪ ڪري سگهان ٿي ته اهو صرف راڻا ثناءُالله آهي، راڻا ثناءُالله کان وڌيڪ ڪمتر ماڻهو ڪو ناهي، اهو دوکيبازي کان وٺي قتل تائين مختلف معاملن ۾ قانون کان بچندو رهيو آهي. هن کيس دوکيباز ۽ قاتل قرار ڏيندي چيو ته راڻا ثناءُالله ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين قانون کي بيوقوف بڻائيندو رهيو آهي. ياد رهي ته 4 جنوري 2011 تي سلمان تاثير کي اسلام آباد جي ڪوهسار مارڪيٽ ۾ سندس پوليس گارڊ ممتاز قادري توهين رسالت جي هٿ ٺوڪي الزام ۾ قتل ڪيو هو، جنهن کي بعد ڦاهي ڏني وئي. ان وقت مرڪز ۾ پيپلز پارٽي ۽ پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت هئي. سني مسلڪ وارن بعد ۾ ممتاز قادري کي پير جو درجو ڏنو ۽ تازو پيپلز پارٽي جو راڻيپور جو پير فضل شاهه ۽ مٽياري جو هڪ پيپلو پير قادري جي مزار تي حاضري ڀرڻ ويا هئا، جن جي فوٽو سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو