ساجده کوکر اغوا معاملو نئون رخ اختيار ڪري ورتو

ميرپورماٿيلو(رپورٽ ظھير وسير ) 10 سالن اغوا ڄاڻايل نياڻي وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ورتو، الزام هيٺ آيل ڌر پاران سندس والد تي ڇوڪري لڪائڻ جو الزام هنيو ويو آهي. ٽي ڏينھن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ڏھ ورھين جي ساجدھ کوکر جو ڏس پتو نه پئي جي سگھيو آھي، جڏھن ته ميرپورماٿيلو پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي،ان سلسلي ۾ علينواز کوکر پريس ڪلب پھچي پوليس خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته پوليس سندس معصوم ڌيء ساجدہ کي بازياب ڪرائڻ لاء ڪي قدم ناھن کنيا، ٽي ڏينھن گذرڻ باوجود ايس ايڇ او خالد ميمڻ ملاقات ڪرڻ لاء تيار ئي ناھي، ھوڏانھن ڪشمور جي رھواسي الزام ھيٺ آيل ڌر فداحسين ابڙو جي اڳواڻي ۾ ميرپورماٿيلو پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي دانھيو ته ساجدھ کوکر کي ھنن اغوا ناھي ڪيو ۽ نه ئي ساجدھ کوکر کي سڱ چٽي طور ڏيڻ جو ڪو جرڳو ٿيو آھي،ھنن چيو ته ساجدھ کوکر کي سندس پيء پوليس اھلڪار علينواز کوکر ۽ ڀاء علي مراد کوکر پاڻ لڪائي اغوا جو ڊرامو رچائي اسان مٿان ڪوڙو الزام مڙھي رھيا آھن ۽ ھنن اڳ ۾ ڪيترا ڊرامه ڪري ڪيترائي ڪوڙا ڪيس ڪيا آھن،ھنن ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ٻين وسوارن کان شفاف انڪوائري ڪري ساجدھ کوکر کي برآمد ڪرڻ ۽ علينواز کوکر کان تحفظ ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو