سائنسدانن گوڏن جي سور جو علاج دريافت ڪري ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سائنسدانن جوڙن جي درد خاص ڪري گوڏن جي سور جو علاج ڳولي ورتو آهي. هنن اهڙو ته حياتياتي مواد تيار ڪري ان جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي جنهن سان گوڏن جو سور ختم ٿي وڃي ٿو. گوڏي جي جوڙ واري هڏي ۾ قدرتي طور ان کي سڻڀو رکڻ لاءِ جيڪو مواد هوندو آهي اهو مختلف سببن جي ڪري جڏهن گهٽ ٿيڻ شروع ٿيندو آهي ته گوڏن جو سور شروع ٿيندو آهي ۽ وڏي عمر جا ماڻهون ۾ گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويندا آهن. هي تحقيق ايڊوانسڊ فنڪشنل مٽيريلز نالي جرنل هي مواد جيڪو جيل جهڙي ملم وغيره جيان آهي اهو ڪامياب متبادل آهي. ڪلهن، گوڏن، ٺوٺن سميت جيڪي به انساني جسم ۾ هڏن جا جوڙ آهن انهن ۾ با آساني اها جيل استعمال ڪرڻ سان ماڻهو معمول واري زندگي گذاري ٿو.  آمريڪا جي اتر ڪيرولينا ۾ واقع ڊيوڪ يونيورسٽي جي محققن اهو مادو دريافت ڪيو آهي. هن مان دنيا جا لکين ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهندا. رڳو آمريڪا ۾ 7 لک 90 هزار ماڻهو ساليانو گوڏن جي آپريشن ڪرائن ٿا. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته تيار ڪيل هائيڊرو جيل انسانن ۾ استعمال لاءِ اڃا ٽن سالن جو عرصو درڪار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو