سئي سدرن ۽ پاپوليشن جي ملازمن کي پڪو ڪرڻ بابت جواب طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سئي سدرن گيس ڪمپني يعني ايس ايس جي سي ايل ۽ پاپوليشن کاتي جي ملازمن کي پڪو ڪرڻ بابت داخل ڪيل ڌار ڌار درخواستن جي سماعت ڪند ي ايم ڊي، ايس ايس جي سي ۽ سنڌ حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.عدالت ٻنهي درخواستن ۾ ڌر بڻايل سمورن جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اهڙو حڪم عدالت اڱاري تي ايس ايس جي سي ايل جي 127 ملازمن پاران سئي گئس ڪمپني پاران عدالتي حڪم باوجود پڪو نه ڪرڻ خلاف داخل ڪيل توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. درخواست گذار ڄاڻايل ملازمن پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪمپني ۾ مختلف پوسٽن تي 127 ملازمن کي 1995ع ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيو ويو هو پر هاڻ ملازمن کي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو پيو وڃي. درخواستگذارن وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته عدالت 30 سيپٽمبر تي نوڪري مان نيڪالي ڏنل ملازمن کي ڀرتي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر عمل ناهي ٿيو. عدالت چيو ته ٻڌايو وڃي ته عدالتي حڪمن باوجود ملازمن کي مستقل ڇو نه پيو ڪيو وڃي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 20 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. **** ٻئي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ  آبادي جي ڀلائي واري کاتي ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل  ميل موبلائيزر کي مستقل ڪرڻ لاء داخل ڪيل هڪ وڌيڪ  درخواست تي سنڌ سرڪار  کي  نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت اهڙو حڪم اڱاري تي ملازمن پاران داخل ڪيل درخواست جي ابتدائي  ٻڌڻي دوران ڏنو. ياد رهي ته عدالت هن کاتي جي 12 سئو کان وڌيڪ ملازمن کي اڳي ئي ريگيولر ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو