زين شاهه جي آزادي لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڏ يونائيٽڊ پارٽي يعني ايس يو پي جي بحريا ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ قيد اڳواڻ سيد زين شاهه سان اظهار يڪهتي لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي جلوس ڪڍيا ويا. ڪارڪنن سندس آزادي لاءِ نعرا هنيا. ***مانجهند مان مهراڻ عمراڻي موجب لاکا شھر ۾  ايس يو پي طرفان سيد زين شاه سان اظھار يڪجهتي قومي ڪارڪنن جي آزادي ۽ بحريا ٽائون جي والار خلاف  هڪ ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪندي شاهي بازار تائين  ريلي ڪڍي  مکيه چوڪ تي هڪ ڪلاڪ نٽھڻ اس ۾  ڌرڻو هنيو ويو.

Photo Sindhyar

ڌرڻي ۾  جسقم ايس ٽي پي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن علي نواز ڪنڀر نياز محمد کوسو لطيف پهنور ،مير حسن سومرو اصغر ميمڻ شفيق خاصخيلي  ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بحريا ٽائون انتظاميا جي غير قانوني والار خلاف پرامن احتجاج تي پ پ سرڪار اڳواڻن ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ڇڌيا آھن جن کي فوري طور آزاد نه ڪيو ويو ت جدجهد جاري رهندي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪندڙ ھر سازش کي ناڪام ڪبو  سيد زين شاه گرفتاري پيش ڪري هر خوف کي ختم ڪري ڇڏيو آھي جنهن ۾ سندس فيصلي جي ڀرپور حمايت ڪجي ٿي. ***ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ بحريا ٽاؤن اڳيان ڌرڻي بعد ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه سميت قومي ڪارڪنن مٿان ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف ايس يو پي پاران ايس يو پي آفيس کان ظريت بجاراڻي، دلمراد ڏاھاڻي. شاھنواز مرھٽو، رمضان ڊومڪي. اصغر شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاھرين قومي ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ بحريا ٽاؤن نامنظور نامنظور جي نعريبازي ڪندي اڳواڻن چيو ته بحريا ٽاؤن خلاف پرامن سنڌين جي احتجاج کي پر تشدد بنائڻ واري سازش بعد قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ واري عمل تي سنڌي قوم ۾ ڏک جي لھر آھي ھڪ سازش تحت ڪراچي جي سنڌي وسندين تي قبضا ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي وئي پر سنڌي قوم ڪڏھن به اھڙي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا انھن مطالبو ڪيو ته زين شاہ سميت ٻين اڳواڻن، ڪارڪنن کي آزاد ڪري انھن مٿان داخل ٿيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رھندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو