ريپ ڪيس۾ 3 ملزمن کي موت ۽ هڪ کي عمر قيدجي سزا

کپرو(رپورٽ خادم سروري) ايڊيشنل سيشن جج عنايت الله ڀٽو زينب ڀيو اجتماعي ڏاڍائي ڪيس ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جهانزيب، وسيم ۽ دانش قائم خاني کي موت جي سزا جڏهن ته هڪ جوابدار سهيل کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ڪيس ۾ نامزد ٽن ڇوڪرين کي عدم ثبوت جي بنياد تي آزاد ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته 9 سال اڳ کپرو جي نياڻي زينب ڌيء لال محمد ڀيو سان اجتمائي ڏاڍائي بعد سندس ويڊيو ٺاهي بليڪ ميل ڪيو ويو هو. اڄ عدالت جوابدارن کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي سزا ٻُڌائي. زينب ان وقت نائين درجي م پڙهندي هئي ۽ ٽن ڇوڪرين تحرين، ناياب ۽ فراصت کيس دعوت ڏئي گهرائي کيس نشه اور مٺائي کارائي، جنهن سبب هو بيهوش ٿي وئي جنهن بعد کيس اجتماعي لڄا لٽ جو نشانو بڻائي سندس ويڊيو رڪارڊ ڪئي وئي هئي. ويڊيو ۾ دانش ۽ جهانزيب صاف نظر اچي رهيا هئا. زينب جي خاندان بهادري جو مظاهرو ڪندي قائمخاني زميندارن جي موت مار ڌمڪين جي پرواهه نه ڪندي احتجاج ڪيو هو ۽ سول سوسائٽي سندن ساث ڏنو هو. ڪيس ۾ نامزد ٽنهي ڇوڪرين هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي هئي، جن مان ان وقت هڪ شادي شده هئي ۽ ٻه ننڍيون هيون. واضع رهي ته 2014 ۾ هن ڪيس بابت مير بابل ڀيو جي سرپئنچي هيٺ جرڳو به ٿيو هو جنهن ۾ جوابدار ڌُر تي ستر 70 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو هو جيڪا رقم ڇوڪريء جي پيء نه ملڻ تي هُن ڪيس تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو