زيدي جوابدارن کا فائدو پهچائڻ لاءِ معاملو خراب پيو ڪري، شاهه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وزير اعليٰ مراد علي شاهه چيو آهي ته علي زيدي انتهائي غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي، هُن کي رات جي اونداهي ۾ نامعلوم ماڻهو رپورٽون ڏئي وڃن ٿا، اصل جي آءِ ٽي رپورٽون گهرو کاتي جي ويب تي پيل آهن، اسلام آباد ۾ نيب راولپنڊي وٽ پيش ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته مون کي ڪو به سوالنامو نه ڏنو ويو، نيب منهنجي درخواست قبول ڪري ورتي آهي، عذير بلوچ کي رينجرز گرفتار ڪيو هو، 90 ڏينهن پڇاڳاڇا ٿي، علي زيدي کي بنا صحيحن واريون رپورٽس ڪنهن ڏنيون؟ هن انتهائي غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي، مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته علي زيدي 6 ماڻهن جو ذڪر ڪري غلط بياني ڪئي آهي، رپورٽس ۾ 6 نه 7 ماڻهن جو ذڪر آهي، علي زيدي جوابدارن کي فائدو پهچائڻ لاءِ جي آءِ ٽي کي تڪراري بنائڻ ۽ جوابدارن کي فائدو پهچائڻ لاءِ بيان ڏنو آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ سيد مراد علي شاهه روشن سنڌ پروگرام ڪرپشن ڪيس ۾ نيب راولپنڊي آڏو پيش ٿيو، اسلام آباد ۾ نيب طرفان سولر لائيٽس منصوبي ۾ مبينا گهوٻين جي حوالي سان وڏي وزير جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه نيب جي سوالنامي جا جواب پڻ رڪارڊ ڪرايا. وڏي وزير سان گڏ پ پ اڳواڻ ۽ ڪارڪن نه پهتا، وڏي وزير طرفان 6 جولاءِ تي پيش ٿيڻ کان معذرت بعد نيب کيس اڄ ٻيهر طلب ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو