زهريلي مٺائي کائڻ سبب 4 ٻارڙا بيهوش، اسپتال داخل

داد لغاري (نديم مھر) ڳوٺ عطامحمد مهر ۾ 4 معصوم ٻارڙا زهريلي مٺائي کائڻ سبب بيهوش ٿي ويا جنهن ۾ 12 سالا ڪرن، 10 سالن جي ديواني، 6 سالا روينا ۽ معصوم ڀڳوان اوڏ شامل آهن. جڏهن ته زهريلي مٺائي کڻي ايندڙ پنجاب کان آيل مهمان گهرڀاتين کي بيهوش ٿيل ڏسي موقعي تي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جنهن بعد بيهوش ٿيل چئني ٻارڙن کي سول اسپال ميرپوماٿيلو داخل ڪيو ويو. ان موقعي تي بيهوش ٿيل معصوم ٻارڙن جي پيءُ مور اوڏ ٻڌايو ته پنجاب کان برادري جا نوجوان سڪندر ۽ جهانگير اوڏ اسان مردن جي غير موجودگي۾ منهجي گهر اچي گهرڀاتين کي پاڻ سان گڏ کڻي ايندڙ جليبيون ڏنيون جيڪي جليبيون معصوم ٻارڙن کاڌيون ته اهي موقعي تي بيهوش ٿي ويا ۽ گهرڀاتين جي رڙين تي ٻئي مهمان فرار ٿي ويا. هن ايس ايس پي گوٽڪي کان مطالبو ڪندي چيو ته بنا دير ڪارروائي ڪري زهريلي ۽ نشي واري مٺائي کارائيندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي داد لغاري پوليس جو چوڻ هو ته ٻنهي ڌرين ۾ رشتي جي مامري تان مسئلو هلندڙ هو جنهن تان مور اوڏ جي چوڻ موجب ته پنجاب کان ٻه نوجوان سڪندر ۽ جهانگيراوڏ رات جو مردن جي غيرموجودگي ۾ نشي واريون جليبيون کارايون آهن جن جي خلاف رپورٽ درج ڪري جاچ ڪري رهيا آهيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو