زهريلو کاڌو کائڻ سبب فوت ٿيلن ۾ امدادي سامان تقسيم

ڪلوئي (رپورٽ غلام مصطفي نهڙيو)ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوھو تعلقي ڪلوئي جي ڳوٺ بچل سومرو پھچي زھريلو کاڌوکائڻ سبب فوت ٿيندڙ ماڻھن جي پوئنرن سان گھري ڏک جو اظھار ڪيو ۽ ضلعي انتظاميا ٿرپارڪر پاران فوري طور تي امدادي سامان به ورهايو. اطلاع ملڻ بعد فوري طور تي طبي سھولت ڪندي کاڌي جي ٽيسٽ به ڪئي وئي. علائقي ۾ جانورن جي ٽيسٽنگ ۽ علاج جو ڪم پڻ جاري آھي. ضلعي انتظاميا پاران متاثرا ڳوٺ جي 92 خاندانن ۾ 100 راشن بيگ جنھن ۾ 10 ڪلو گرام جا 100 ڪٽا ـ 40 واٽر وھيل ـ 100 ڪمبل ـ 100 مڇر دانيون فراھم ڪيون ويون جڏھن ت پي پي ايڇ آئي ٿرپارڪر پاران ٽيسٽنگ  ۽ علاج لاءِ مفت طبي ڪئمپ پڻ قائم ڪئي وئي آھي جنھن ۾ ليڊي ڊاڪٽر عورتن جي بيمارين جو پڻ علاج ڪري رھي آھي ـ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر چيو ت ضلعي انتظاميا متاثرين  سان گڏ آھي ۽ انھن جي ھر ممڪن مدد فراھم ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو