زمين تي قبضي خلاف پاڪ ڪتاب کڻي انصاف لاءِ احتجاج

شهدادڪوٽ ( ڊ  ر )مستوئي برادري جي مردن ۽ عورتن جو زمين تي مبينا قبضي ۽ پوليس پاران ملوث جوابدار کي آزاد ڪرڻ واري عمل خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو . مسمات رحمت خاتون مستوئي، محمد پنهل مستوئي، علي جان مستوئي، علي دوست مستوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته هنن  جي شهدادڪوٽ ويجهو شاهه وسائي ڀرسان 100 جريب موروثي زمين آهي جنهن تي بااثر مائٽن  قبضو ڪيو آهي،  جنهن جي هنن فرياد به داخل ڪرائي آهي پر پوليس  جوابدارن کا ڳري رشوت وٺي آزاد ڪري ڇڏيو . هنن پوليس تي الزام لڳائيندي چيو ته پوليس جوابدارن جي ڌر بڻجي جهيڙو ڪرائڻ چاهي ٿي. جنهن سبب وڏي رتوڇاڻ ٿي سگهي ٿي هنن اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو ته زمين تان قبضو  ختم ڪرائي قبضو ڪندڙن کي گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ جاني نقصان جي ذميواري پوليس تي هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو