زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

ٺڪراٺو( رپورٽر) موچي دڙي جي رهواسين با اثرن پاران زمين تي قبضي خلاف معصوم ٻارن سميت  احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن حضوربخش مهر، گلزار احمد , محمد سليمان، دلبر، حاجي صوبل مهر ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جون ابن ڏاڍن کان ذاتي کڻت واريون زمينون آھن پر ڪجھ بااثر ماڻھو محمد علي راڄڙ، غلام حسين ، ڪيهر ، ميانداد راڄڙ ۽ ٻيا انهن تي قبضا ڪري چڪا آھن ۽ پئسا وٺي ٻاهران آيل  اجنبي ڏوهاري قسم جي  ماڻھن کي گهر اڏرائي ويهاريو آھي. اسان ڪيئي دفعا علائقي جي چڱن مڙسن  توڙي ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اعلئ اختيارين وٽ دانهيو آھي پر هو بااثر هجڻ ڪري اڃان تائين انصاف ناهين ملي سگهيو. ھاڻي ,بااثر راڄڙ ۽ مهتم برادري جا ماڻھو علي گل مهتم نواب مهتم سردار بخش مهتم ,شمن مهتم ۽ ٻين سان ملي ڪري وڌيڪ زمينن تي قبضاڪري رهيا آھن  روڪڻ تي هو اسان تي بي بنياد الزام هڻي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن اسين امن پسند آھيون جهڳڙو ڪرڻ نٿا چاهيون اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو