زمين تي قبضي خلاف احتجاج، انصاف ڏيو

پڊعيدن (ن سنڌيار)ريشم گھٽي جي رھواسي راڄپر برادري پاران سندن زمينن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊاڪٽر شوڪت علي راڄپر، لياقت علي، پرويز، غلام عباس راڄپر ۽ ٻين چيو ته سندن سئوٽ محمد رفيق راڄپر ۽ سندس پٽ سندن ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ لاء مختلف حربا استعمال ڪري رھيا آھن. ھنن چيو ته سندن گھرواريون پنھنجي اباڻي ملڪيت مان حصيدار آھن پر سندن سوٽ انھن کي پنھنجو حصو ڏيڻ لاءِ تيار ناھن پر الٽو سندن ڪمايل ملڪيت مان حصو گھر رھيا آھن ۽ نه ڏيڻ تي کين موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ھنن چيو ته ملندڙ ڌمڪين بابت عدالت به کيس تحفظ فراھم ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي پر سندن سئوٽ کين بنا جواز بدنام ڪري رھيو آھي. ھنن انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو