زمين تي قبضي جو الزام وڏيري خلاف ابو پوٽن جو احتجاج

ورڪشاپ (اياز علي شر) اوڍ شريف ۾ ابوپوٽا برادري جي ماڻهن جوبااثروڏيرن خلاف زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ وڻ وڍرائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي زمين تي بااثرن پاران قبضي جي ڪوشش ڪندي اسان جي گھرن اڳيان بيٺل نم جاوڻ وڍرائي ڇڏيا آھن. ڳوٺاڻن محمدجمن, عبدالله,پٺاڻ,مينھل ,اسماعيل ۽ ٻين ٻڌايوته اسان اھڙو اطلاع حدجي ٿاڻي کي ڏنو جنهن مطابق پوليس اين سي رپوٽ داخل ڪري ڇڏي آهي پر ڪاروائي نٿي ڪري. هنن الزام هنيو ته بااثر وڏيرو پنهنجا واٺا ساڻ ڪري اسان کي زمين مان لڏي وڃڻ جون ۽ برا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن، اسانجي اسڪول ويندڙ ٻارن کي به تنگ ڪيو پيو وڃي. اسان ھتي جا اصل رھاڪوآھيون، ڊپٽي ڪمشنرسانگھڙ۽ ايس ايس پي سانگھڙ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿاڪريون ته نوٽيس وٺي اسان ساڻ انصاف ڪيووڃي. ٻئي پاسي الزام ھيٺ آيل ڌر رابطوڪرڻ تي ٻڌايو مٿن لڳل الزام بي بنياد آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو