زمين تان جهيڙو 9 زخمي، علائقي ۾ ڏوهه وڌي ويا، پوليس ناڪام

ٺڪراٺو (حضرت گل پٺاڻ)مبارڪپور ٿاڻو جي حد ڳوٺ محمد مراد مهر ۾ زمين جي معاملي تان مهر برادري جي  ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو  جهيڙي ۾ لٺين ، سروٽن ۽ ڪهاڙين جو آزادانه استعمال ڪيو ويو جنهن سبب ٻنهي ڌرين جا 9 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا  زخمين ۾ محمد امين ، محمد رمضان ، صحبت علي ، امداد علي ، محمد حسن ، علي بخش ، گل محمد ، غلام رسول ۽ محمد سومر سڀئي زات جا مهر جن سخت زخمي ٿي پيا جنهن بعد ٻنهي ڌرين جي وارثن پاران زخمين کي ٿاڻو مبارڪپور کڻائي آيا جتان  مبارڪپور پوليس ٻنهي ڌرين جي زخمين  کي ميڊيڪل ليٽر ڏيئي علاج لاء تعلقه اسپتال اماڻي ڇڏيو.

Photo Sindhyar

ٻنهي ڌرين ۾ گهڻي عرصي کان زمين جي معاملي تان ڇڪتاڻ هلندڙ  آهي. هوڏانهن ٺڪراٺي ۽ مبارڪپور ۾ بدامني ۽ سماجي برايون چوٽ چڙھيل ٻن سالن کان مبارڪپور ٿاڻي تي مقرر موجودا ايس ايڇ او وهاب پتافي سماجي برايون ختم ڪرڻ توڙي امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿيو آهي. مختلف هنڌن تي ٽن عورتن کي قتل ڪيو ويو ڌار ڌار واقعن ۾ هڪ ناري ۽ هڪ نينگري ۽ هڪ معصوم نينگر سان اجتماعي زيادتي جا ڪيس رپورٽ ٿيا  جوابدار قانون جي پڪڙ ۾ نه آيا. مختلف هنڌن تان 15 موٽر سائيڪلون چوري ۽ ڦر ٿيون مبارڪپور شھر مان ھڪ ڪار هڪ رڪشا چوري ٿي چوپائي مال جي چوري ۾ 2 مينهون ۽ 3 ڳئون 20 ٻڪريون چوري ٿيون ٺڪراٺي جي ڪلاٿ مارڪيٽ جي دڪانن سميت 10 کان وڌيڪ دڪانن ۾ لکين روپين جا ڪپڙا ۽ٻيا سامان چوري ٿيا مبارڪپور ۾ پيٽرول پمپ تان ڏيڊ لک روپيا ڪيش چوري ٿيا شهر توڙي ٻھرياڙي جي مختلف هنڌن تان 23 کان وڌيڪ سولر پليٽون چوري ٿيون آھن ٺڪراٺي شھر جي مسجدن مان هزارين روپين جا يو پي ايس ۽ بئٽريون چوري ٿي ويون آھن پوليس هڪ چوري به واپس نه ڪرائي سگهي آهي. علائقي ۾ ويهه کان وڌيڪ جوا جا اڏا کليل هر 15 ڏينهن لکين روپين جي آڪڙا گيم هلڻ لڳي پوليس ڀتو وصول ڪري ٿي. هتان جي سياسي سماجي ڌرين ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪندي چيو ته ڪو ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو