زميني تڪرار تان جهيڙو 3 زخمي، مڙس هٿان زال مرڻينگ

پنوعاقل (سنتوش ڪمار )چاچڙ محلا ۾ زميني تڪرار تان ويڳن ڀائرن ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا. هوڏانهن ڳوٺ ريڍي چاچڙ ۾ معمولي ڳالهه تان مڙس زال کي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويو. چاچڙ محلا ۾ زمين جي معاملي تان ويڳن ڀائرن ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا عنايت الله چاچڙ، صداقت چاچڙ ۽ هدايت الله زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته عنايت الله چاچڙ کي اک ۾ ڌڪ  لڳڻ ڪري اک ضائع ٿيڻ جو خدشو آهي. ٻئي پاسي بائجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ريڍي چاچڙ ۾ جوابدار علي اڪبر چاچڙ پنھنجي زال ظھيران کي ٿانءُ نه ملڻ تان بدترين تشدد جو نشانو بڻايو. اطلاع تي ناري جا والدين پھتا ۽ ناري کي اسپتال پهچايو جتان ناري جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب سکر ريفر ڪيو ويو، جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو