زميني تڪرارن جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ هڪ فوت 5 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) مورو ۽ دودا پور ۾ ٻن ڌار ڌار پيش آيل زميني تڪراران تان ڌرين ۾ ٿيل جهيڙن ۾  هڪ فوت ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. منظور ملڪ مورو ڀرسان سڌوجا پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي خان کوسو ۾ زرعي زمين جي تڪرار تان کوسا برادري ۾ جھيڙو فائرنگ سبب 5 ڄڻا رتورت ھڪ جي حالت نازڪ هئڻ سبب کيس اسپتال داخل ڪيو ويو. ڳوٺ علي خان کوسو عرف ڳوٺ ڏائڻا کوسا ۾ کوسو برادري ۾ ڌرين ۾ ھلندڙ فيصلي ۾ سڌي فائرنگ ڪئي وئي فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ ئي ڌر جا 5 ڄڻا حبدار علي سبحان علي غلام قادر امان الله ۽اعجاز علي کوسو سخت زخمي ٿي پيا آھن زخمين کي موروتعلقه اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي مورو سرڪاري اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ سبب ھڪ زخمي حبدار علي کوسو کي نواب شاھ اسپتال ريفر ڪيو ويو. پوليس رپورٽ درج ڪري ورتي ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي.**** هوڏانهن اختيار مندراڻي موجب جيڪب آباد جي شهر دوداپور ويجهو ڳوٺ ميران بخش ۾ زمين جي پُراڻي تڪرار تان حاجيجو برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب 35 ورهين جو نوجوان ڪيهر حاجيجو زخمي ٿي پيو،جنهن کي علاج لاءِ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو ته فوت ٿي ويو. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو