زمبابوي سان کيڏڻ لاءِ نون رانديگرن کي چانس ڏيو،اجمل

لاهور(ويب ڊيسڪ)ايندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندڙ زمبابوي جي ٽيم جي اعلان سان گڏ ئي نيون نيون تجويزون سامهون اچڻ شروع ٿي ويون آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڳوڻي اسٽار اسپنر سعيد اجمل چيو آهي ته زمبابوي سان هوم سيريز ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي بهترين پرفارمرز کي موقعو ڏنو وڃي ته مستقبل جي لاءِ رانديگرن جي کيپ تيار ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته عماد وسيم کي آرام ڏئي ڪجهه نون بالرن کي موقعو ڏنو وڃي. ٽيم ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ نوجوان رانديگر شامل ڪيا وڃن. ون ڊي ميچن ۾ تجربيڪار رانديگرن کي به اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. ان سان جونيئرز کي سينئرز کان سکڻ جو موقعو ملندو. هن وڌيڪ چيو ته قومي ٽيم جو انگلينڊ وارو دورو شروع ٿيڻ کان اڳ ئي مون سميت ڪيترن ئي اڳوڻن رانديگرن چيو هو ته اسان شايد هڪ، اڌ ميچ کٽي سگهون ۽ ائين ئي ٿيو ٽيسٽ سيريز ۾ پاڪستان هڪ اننگز ۾ سٺي بالنگ ۽ بيٽنگ کان اڳ ٽيسٽ ۾ کٽڻ جو موقعو هو جيڪو هٿن مان نڪري ويو. ان جو سبب اهو هو ته ياسر شاهه ۽ محمد عباس کان سواءِ اسان وٽ ڪي به ٻيا تجربيڪار بالر نه هئا. ياد رهي ته زمبابوي جي ٽيم آڪٽوبر جي آخر ۾ پاڪستان پهچندي ۽ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڊند. پهرين ون ڊي ميچ 30 آڪٽوبر، ٻئي پهرين ۽ 3 نومبر تي ون دي ميچ کيڏيا ويندا. پهريون ٽي ٽوئنٽي ميچ 7، ٻيون 8 ۽ ٽيون 10 نومبر تي کيڏي ويندي. پي سي بي شروعاتي طور تي 25 رانديگرن کي چونڊيو آهي. پي سي بي هڪ ڏينهن وارا ميچ ملتان ۽ ٽي ٽوئنٽي راولپنڊي ۾ ڪرائڻ جي پلاننگ ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو