بارش سبب ميچ ماثر، زلمي 7 رنز تان فاتح قرار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پشاور زلمي ۽ اسلام آباد يونائٽڊ ۾ پي ايس ايل جو فائيو جو 20 هون ميچ جاري آهي. پشاور زلمي 196 رنز جي ٽارگٽ لاءِ بيٽنگ شروع ڪئي ته 9 اوورز ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 85 رنز ٺاهيون ته بارش ٿي پئي جنهن سبب راند بند ڪئي وئي. ڪافي انتظار بعد به بارش بند نه ٿي ته ڊي ايل ايس رولز موجب زلمي کي 7 رنز تان فاتح قرار ڏنو ويو.

ڪامران اڪمل هڪ ڇڪي ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 21 بالن تي 37 ٺاهي ظفر گوهر جي بال تي فهيم اشرف هٿان ڪيچ ٿيو. امام الحق هن ميچ ۾ به مزو نه ڪيو هڪ چوڪو هڻي 9 بالن تي 7 رنز ٺاهي رومان رئيس جي بال تي فهيم اشرف هٿان ڪيچ ٿيو. ٽام بينٽن 20 ۽ حيدر علي 16 رنز ٺاهي ڪيريز تي موجود هئا ته ميچ روڪي وئي. پشاور زلمي ۽ اسلام آباد يونائٽڊ ۾ پي ايس ايل جو فائيو جو 20 هون ميچ جاري آهي. اسلام آباد مقرر اوورز ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 195 رنز اسڪور ڪيون.

ان کان اڳ ۾ پشاور زلمي جي ڪپتان وهاب رياض ٽاس کٽي اسلام آباد کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. ليوڪ رونڪي ۽ ڪولن منرو اننگ شروع ڪئي ته رونڪي هڪ ڇڪي جي مدد سان 5 بالن تي 6 رنز ٺاهي راحت علي جي بال تي وهاب رياض هٿان ڪيچ ٿي ويو. رضوان حسن هڪ چوڪو هنيو ۽ 4 بالن تي 5 رنز ٺاهي حسن علي جي بال تي بولڊ ٿي ويو. جنهن بعد ڪپتان شاداب خان آيو جنهن منرو سان ملي شاندار بيٽنگ ڪندي ٽيم جو اسڪور سينچري تائين پهچايو. ڪولن منرو ٻن ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 35 بالن تي 52 رنز ٺاهي متبادل جي هٿان ڪارلوس بريٿ ويٽ جي بال تي ڪيچ ٿيو. شاداب خان 4 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 42 بالن تي 77 رنز ٺاهي وهاب جي بال تي متبادل هٿان ڪيچ ٿيو.

ڪولن انگرام ٻن ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 25 بالن تي 41 رنز ٺاهي متبادل هٿان حسن علي جي بال تي ڪيچ ٿيو. آصف علي ۽ فهيم اشرف ٽي ٽي رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو