زرعي زمين تان قبضو ڇڏرائي ڏيو، پوليس کي اپيل

غوثپور (عبدالنبي ملڪ)اڳوڻي پ پ پ ايم پي اي مير حاڪم علي خان سندراڻي جي پٽ مير اقبال احمد خان سندراڻي الزام هنيو آهي ته بااثر شخص ڪچي جي ڏوهارين ذريعي سندس 350 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪيو آهي. پريس ڪانفرنس دوران هن ٻڌايو ته بااثر شخص منهنجي 350 ايڪڙ زرعي زمين جيڪا ديهه مکواني ۾  آهي، اها کاتي واري زمين آهي جنهن تي عارف لولائي، گوھر لولائي، شبير لولائي ، گذريل 3 سالن کان قبضو ڪرايو آهي. زمين تي قبضو ڪندڙن ڏاڍ ڪندي بااثر جي چرچ تي منهنجي زرعي زمين تي ھر ڪاھي فصل پوکي ڇڏيو آهي. ھن آءِ جي سنڌ مشتاق احمد مھر، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ ،ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ کي پرزور اپيل ڪئي ته ساڻس انصاف ڪندي  زرعي زمين ڪچي واري علائقي جي ڏوھارين کان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. هن چيو ته مونکي پنهنجي زرعي زمين تي وڃڻ کان روڪيو پيو وڃي ۽ مختلف طريقن سان ڌمڪايو پيو وڃي منهنجي ۽ منهنجي خاندان کي تحفظ ڏيئي زرعي زمين واپس ڪرائي وڃي .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو