زرداري جي گرفتاري خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي( نمائندن وٽان) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ نيب پاران گرفتار ڪرڻ خلاف پي پي ڪارڪنن ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي جلوس ڪڍيا ويا. نثار کهڙو 11 جون تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڪارڪنن مظاهرو ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان خلاف نعريبازي ڪئي. نوابشاهه، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ڪجهه شهرن ۾ ڏنڊا بردار جيالن زوري شهر بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هوائي فائرنگ پڻ ڪئي. ڪارڪنن نيب خلاف به نعرا هنيا ۽ چيو ته نيب گردي بند ڪريو. حڪومت جي ماڻهن خلاف به نيب جا ڪيس آهن انهن کي به گرفتار ڪيو وڃي. زرداري جي گرفتاري انتقامي ڪاروائي آهي. سکر مان جيرام داس موجب گرفتاري جي خبر ٻڌڻ بعد جيالا روڊن تي نڪري آيا ۽ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

اياز ٻرڙو، رياض سولنگي، اورنگزيب قريشي، غضنفر انصاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. شڪارپور ۽ خانپور ۾ به ڪارڪنن جلوس ڪڍيو. زبيرگل موجب قربان سومرو، غلام مصطفي ابڙو، محسن خان سيٺار،

الياس آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن انڊس ھاء وي روڊ بند ڪري ٽائر ساڙي  احتجاجي ڌرڻو ھنيو. پنوعاقل مان سنتوش ڪمار مطابق ميان عبدالقوي انڍڙ ۽ رشيد احمد ڪورائي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي وئي. نوشهروفيروز مان مشتاق حسين مري موجب ايم پي ايز شهناز انصاري، سيد مراد علي شاھ،پ پ جي ضلعي صدر فيروز جمالي، خان اعواڻ، نواب خان مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي.

جتي ڪارڪنن پاران ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون ۽ نيب نيازي ڳٺ جوڙ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته جيل پ پ لاء نئين ڳالھ ناهن پ پ هميشھ آمرن سان مهاڏو اٽڪايو آھي هينئر به ڪٺ پتلي وزير اعظم ۽ انتقامي ڪارروايون ڪندڙن خلاف اهڙي تحريڪ جنم وٺندي جيڪا کين لوڙھي ڇڏيندي. مورو مان اياز سولنگي ٻڌايو ته گرفتاري جي خبر هلندي ئي خوف مان شهر مڪمل طور بند ٿي ويو ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جڏهن ته اهڙو اطلاع جيالن کي مليو ته اهي به شهر ڏانهن نڪري پيا، احتجاجي ريلي ٻانڌي روڊ کان ڪڍي وئي جيڪا مورو پريس ڪلب پهتي.

دوست علي سولنگي، علي اڪبر سمون،  محمد اسماعيل ڪورائي، رحيم بخش زرداري ۽ ٻين ان موقعي تي نيب خلاف نعرا هنيا. ان کانسواءِ ڪشمور، ڪنڌ ڪوٽ ۽ غوثپور ۾ به احتجاج ڪيو ويو. عبدالنبي ملڪ موجب اڪبر لولائي، حاجي شاهنواز شيخ، قدرت الله ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي انڊس هائي وي تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون. گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، ڳڙهي ياسين، ميرپورخاص، سڪرنڊ ۽ ٻين شهرن مان پڻ احتجاج جا اطلاع مليا آهن. لاهور ۾ ڪارڪنن روڊ تي ٽائرن کي باهه ڏني جنهن سبب ميٽرو سروس بند ڪئي وئي. جڏهن ته سوشل ميڊيا تي گهوٽڪي ۽ ڪراچي ۾ گرفتاري جي خوشي ۾ مٺايون ورهائڻ جون به خبرون گردش ڪري رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو