زرداري جي ضمانت رد ڪريو، جاچ ۾ تعاون نٿو ڪري،ريڪارڊ بدلائيندو، نيب

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) نيب جمع تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل جواب ۾ چيو آهي ته هو آصف علي زرداري کي گرفتار ڪرڻ ڇاهين ٿا ڇو ته هو جعلي اڪائونٽ ڪيس جي تحقيقات ۾ تعاون نٿو ڪري ۽ خدشوآهي ته هو ريڪارڊ ۾ ڦيرڦار ڪري سگهي ٿو. نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي طرفان جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته آصف زرداري ڪنهن به رليف جو حقدار ناهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي گذريل اربع تي يعني 10 اپريل تي هن ڪيس ۾ 29 اپريل تائين عبوري ضمانت ڏني هئي، جنهنجي نيب مخالفت ڪئي هئي. ان تي عدالت نيب کي لکت م جواب داخل ڪرڻ لاءِ چيو هو ته ڪهڙو سبب آهي جو نيب کي ضمانت تي اعتراض آهي. جنهن تي نيب اڄ جواب داخل ڪرايو. نيب چيو آهي ته زرداري، يوسف رضا گيلاني جي مدد سان دبئي ۽ لبيا پاران تحفي ۾ ڏنل قيمتي بلٽ پروف گاڏيون توشه خاني مان حاصل ڪيون ۽ 3 ڪروڙ 71 لک 60 هزار روپيا انهن گاڏين جي ٽيڪس جي مد ۾ ادا ڪيا ۽ اها رقم به جعلي اڪئونٽ مان ادا ڪئي وئي. جواب ۾ نيب وڌيڪ چيو آهي ته آصف زرداري ۽ ٻين جوابدارن جي ملي ڀڳت سان پارڪ لين لنڊن فليٽس لاءِ هن ڏيڍ ارب جو قرض ورتو. نيب چيو آهي ته کيس ضمانت نه ڏني وڃي جيئن کيس گرفتار ڪري ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو