زراعت کاتي جي ملازمن کي مستقل ڪيو ويندو، امتياز شيخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران ڌرڻي تي ويٺل ڪانٽريڪٽ ملازمن جي مستقل ڪرڻ جو مطالبو منظور ٿي ويو. صوبائي وزير امتياز شيخ ڌرڻي تي ويٺل ملازمن وٽ پهچي ويو، صوبائي وزير امتياز شيخ زرعي کاتي جي ڪانٽريڪٽ ملازمن کي مستقل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو. ملازم ڇهن ڏينهن کان سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران ڌھرڻي تي ويٺا هئا. امتياز شيخ چيو ته پيپلز پارٽي روزگار ڏيندي آهي بيروزگار ناهي ڪندي. ڪنهن جي حقن جي ڀڃڪڙي نه ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو