زراعت کاتي جو ڀتو، نقلي دوائن ۽ ڀاڻ جو وڪرو عروج تي

اوٻاوڙو (غلام علي رند) تعلقي جي مختلف شهرن ڪموشھيد  مريدشاخ رونتي ريتي ۾ زراعت کاتي جي ڪامورن جي ملي ڀڳت سبب نقلي زرعي دوائون ۽ کاڌ  بازار ۾ سري عام وڪرو ٿيڻ لڳيون فصل تباھ آبادگارن جو زراعت کاتي جي راشي ڪامورن خلاف سراپا احتجاج  اعلي حڪام ۽ ڊي سي گھوٽڪي کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو .هنن چيو ته زراعت کاتي جي عملدار جي دڪاندارن سان ملي ڀڳت سبب اوٻاوڙو شھر ڪموشھيد مريدشاخ رونتي ريتي سميت سمورن ننڍن وڏن شهرن م نقلي زرعي دوائن ۽ نقلي کاڌ جو وڪرو عروج تي پھچي ويو  ڊي سي گھوٽڪي سميت اعلي اختيارن ڪو به نوٽيس نه ورتو  نقلي زرعي دوائن کاڌ ڏيڻ سبب ڪمند ووئنڻ ۽ ٻيا فصل سڙڻ لڳا  زراعت کاتي جي اھڙن راشي ڪامورن خلاف  آبادگارن نقلي دوا سان ٿيل نقصان خلاف آبادگارن جو عبدالشڪور، گل حسن حاجي ڪريم بخش ڇڄڻ عبدالوحيد جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي آبادگارن چيو ته زراعت کاتي جي عملدارن جي دڪاندارن کان ماھوار منٿلي مقرر ھجڻ سبب  زرعي دوائن جي دڪاندارن کي نقلي دوائون ۽ کاڌ وڪرو ڪرڻ جي کلي اجازت مليل آھي دوائون بي اثر ۽ نقصان ڪار آھن جنھن سبب اسان جا  فصل تباھ ٿي ويا آھن اسين ڪمند وونئڻ جي فصل کي نقلي دوائون ڏيڻ سبب لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي. هنن واسطيدار عملدارن ۽ دوڪاندارن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو