زحل چنڊ تي زندگي جو اهم ڪيميائي مرڪب دريافت

هوسٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي فلڪياتي ماهرن زحل جي سڀ کان وڏي چنڊ ”ٽائٽن“ تي هڪ اهڙو نامياتي مرڪب (آرگينڪ ماليڪيول) ڳوليو آهي جيڪو زندگي جي حوالي سان اهميت رکي ٿو، پر انهن واضح اهو ڪيو آهي ته ان کي ٽائٽن تي زندگي جي علامت قرار ڏيڻ ۾ جلدبازي کان ڪم نه ورتو ويندو. آمريڪي خلائي تحقيقي اداري ”ناسا“ جي ماهرن اها ڳولا چلي ۾ لڳل هڪ وڏي ريڊيو دوربين جي مدد سان ڪئي آهي. ان کان پهريان ستارن وچ ۾ گئس وغيره ملي آهي پر زحل جي چنڊ تي ان جو مشاهدو پهريون ڀيرو ڪيو ويو آهي، پر تنهن هوندي به ماهرن خبردار ڪيو آهي ته اتي زندگي جي موجودگي جو ثبوت يا علامت نه سمجهي وڃي ڇو ته اها شروعاتي نوعيت جي دريافت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو