زبون حال پڃاري پل جي مرمت ڪرايو، شهرين جو احتجاج

دڙو (ن سنڌ يار)مختلف سياسي سماجي۽ مذھبي ڌرين طرفان دڙو کي ڪراچي, ٺٽو ۽ ٻين شھرن سان ملائيندڙ پڃاري ڪئنال تي اڏيل پل جي زبون ٿيڻ ۽ سالن کان ان جي مرمت نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. مرمت نه ڪرائڻ خلاف جي يو آئي جي اڳواڻ حافظ عبدالغفور ميمڻ, پ پ جي سينئير اڳواڻ ماما منٺار دايو, واپاري ايسوسيشن جي سرپرست اعلي ڊاڪٽر افضل ميمڻ, عوامي تحريڪ جي اڳواڻ عزيز ميمڻ, اڳوڻون صحافي گل ايم چوھاڻ, ڪيو اي ٽي جي اڳواڻ اشرف پليجو, ايم ڊبليو ايم جي اڳواڻ شاھجان سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھرين زبون پل آڏو بيھي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي مظاھرين ڳالھائيندي چيو ته پڃاري واھ تي اڏيل پل مڪمل طور تي زبون بڻجي چڪي آھي. ڪافي سالن کان ھتان جا باشعور ماڻھو پل جي تعمير لاء احتجاجي مظاھرا ڪري ٿڪجي پيا آھن. پر انتظاميا جي ڪنن تي جونءَ نٿي سري. گذريل ڏينھن به ريتي سان ڀريل ٽرڪ ۽ چنگچي رڪشا معجزاڻي طور وڏي جاني نقصان ٿيڻ کان بچي ويا آھن. ھنن گھر ڪئي ته فورن دڙو پڃاري پل جي تعمير لاء قدم کنيا وڃن ٻي صورت ۾ قومي شاھراه تي ڌرڻو ھنيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو