زبردستي قانون پاس ڪرائڻ خلاف عدالت وينداسين، بلاول ڀٽو

اسلام آبا(بيورو رپورٽ)پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي ته زبردستي قانون پاس ڪرائڻ خلاف عدالت وينداسين، پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر حڪومت خلاف احتجاج ڪنداسين. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خطاب ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۽ اپوزيشن جا اعتراض ختم ڪرڻ بنا چونڊ سڌارا آندا ويا ته هاڻ کان ئي چونڊن کي نٿا مڃون، اي وي ايم ۽ چونڊ سڌارن جي بلز کي مڃينداسين. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ ھو تھ اسپيڪر پنهنجي عهدي جو مانُ رکي ۽ بلز بلڊوز ٿيڻ جو حصو نه بڻجي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ عوام جي ووٽ تي ڌاڙي جي اجازت نه ڏني ويندي، حڪومت کي ڪهڙي تڪڙ آهي، سڀ گڏجي قانونسازي ڪنداسين ته ايندڙ چونڊون تڪراري نه ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو